اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جا ٻطرفا لاڳاپا ۽ معاشي حصيداري وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي، سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سعودي وزيرن کي پاڪستان جي حوالي سان خصوصي هدايتون جاري ڪيون، قيادت جي سطح تي ٿيندڙ مفاهمت کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ پوري محنت سان ڪم ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سعودي ع??ب جي دوري جي پڄاڻي تي جاري بيان ۾ وزيراعظم چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جا ٻطرفا لاڳاپا ۽ حصيداري وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سعودي ع??ب جي ڪاروباري شخصيتن جو وفد پاڪستان اچي رهيو آهي. هن چيو ته سعودي ع??ب جي ڪاروباري شخصيتن جي وفد سان ٻنهي ملڪن ۾ معاشي حصيداري جي رفتار وڌيڪ تيز ٿيندي، قيادت جي سطح تي ٿيندڙ مفاهمت کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ پوري محنت سان ڪم ڪنداسين، پاڪستان ۽ سعودي ع??ب جي معاشي حصيداري سان ٻنهي ڀائر ملڪن جي لاڳاپن ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ٿي آهي، ٻن مهينن دوران پاڪستان ۽ سعودي ع??ب جي وچ ۾ اعليٰ ترين سطح تي رڪارڊ وفدن جي مٽاسٽا ٿي آهي، سعودي عرب ۾ ٽن ڏينهن جو دورو تاريخي اهميت رکندڙ آهي جنهن ۾ انتهائي لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته عالمي اقتصادي فورم ۾ عالمي اڳواڻ?? سان ملاقاتون ٿيون جن ۾ گهڻ رخي شعبن ۾ گڏيل تعاون واپار، سيڙپڪاري جي فروغ ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي آهي. هن چيو ته ورلڊ اڪنامڪ فورم تي واضح انداز ۾ بيان ڪيو ته دنيا کي پرامن بڻائڻو آهي ته غزه ۾ مستقل امن قائم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته شاندار ميزباني ۽ پاڪستا?? سان پرخلوص محبت تي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جا دل سان ٿورا ادا ڪريان ٿو، ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سعودي وزيرن کي پاڪستان جي حوالي سان خصوصي هدايتون جاري ڪيون، ان جي لاءِ پڻ ??مام گهڻا ٿورائتا آهيو??. ه?? چيو ته سعودي ع??ب جي وزيرن کي به خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن قيادت جي وچ ۾ مفاهمت تي عملدرآمد جي لاءِ ڀرپور تياري ڪئي.