اسلام آباد- 07 مئي (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير ت??رڙ چيو آهي ته ملڪي معيشت جو دارومدار سياسي استحڪام سان آهي، جيڪو ملڪ اقتصادي طور تي مستحڪم هوندو اهوئي ترقي ڪندو، سياسي استحڪام معاشي استحڪام سان ڳنڍيل آهي، پينشن ريفارمز تي ڳالهه ٿي رهي آهي، ساليانو خرچن جو وڏو حصو رٽائر ملازمن جي پينشن ۾ نڪري ويندو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي هيڊ ڪوارٽرز ۾ وفاقي وزير عطاءُ الله ت??رڙ ۽ محمد اورنگزيب سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير، اعظم نذير ت??رڙ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت آهي ته حڪوم??ي سطح تي ٿيندڙ سمورو ڪم عوام سان شيئر ڪيو وڃي، بنيادي ڍانچي ۾ سڌارا اسان جي ايجنڊا جو حصو آهن. معاشي استحڪام سياسي استحڪام سان ڳنڍيل هوندو آهي. هن چيو ته عالمي مالياتي فنڊ جو مطالبو آهي ته ٽ??ڪس نيٽ کي وڌايو وڃي، وزيراعظم ايف بي آر ۾ سڌارن جي ذميواري کنئي آهي، ايف بي آر جي ريفارمز جي ايجنڊا ترجيحن ۾ آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جو اهو مطالبو به آهي ته بج??ي جي چوري کي روڪيو وڃي، سڌارن جي حوالي سان وزيراعظم سڀني کان ايف بي آر جي بريفنگز ورتي آهي، 27 سؤ ارب رپين کان وڌيڪ ٽ??ڪس ڪيس عدالتن ۾ التوا هيٺ آهن. عدالتن ۾ التوا هيٺ ٽ??ڪس بابت ڪيسن تي فوري فيصلا ٿيڻ گهرجن، پارليامينٽ ٽ??ڪس ٽربيونل بابت پهريون قانون پاس ڪيو آهي، بج??ي چوري جي روڪٿا لاءِ ڪوششون جاري آهن. هن چيو ته معيشت جي بحاليءَ ۾ ايف بي آر جو اهم ڪردار آهي.