اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) نائب ??زي??اعظم ۽ پرڏيهي ??زي?? سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته بشڪيڪ مان اٽڪل 4 هزار شاگردن جي واپسي کانپوءِ پرڏيهي وزارت هڪ فيڪٽ فائنڊنگ ڪمپني جوڙي آهي ته جيئن ان واقعي جا سبب جانچڻ سان گڏوگڏ اتان جي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ پا??ستان جي مشن جي ڪردار جو جائزو وٺي سگهجي. جڏهن ته ايڊيشنل سيڪريٽري (ايڊمن) محمد سليم جي سربراهي ۾ هڪ انڪوائري ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اها ڪميٽي حقيتون ڄاڻڻ جي لاءِ پا??ستاني مشن ۽ ڪرغزستان حڪومت سميت لاڳاپيل ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي. هو بشڪيڪ مان واپسي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اسحاق ڊار جيڪو شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي ??زي??ن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آستانه جو دورو ڪري رهيو هو، اتان پنهنجي ڪرغز هم منصب سان گڏ بشڪيڪ ويو. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي ٻن هفتن جي اندر پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي. هن ٻڌايو ته وفاقي ??زي??ن کي ڪرغز عملدارن جي تجويز تي بشڪيڪ جو دورو ملتوي ڪرڻو پيو. جيتوڻيڪ آستانه ۾ پنهنجي ڪرغز هم منصب سان ڳالهه ٻولهه دوران هن تشدد کان متاثر پا??ستاني شهرين سان ملاقات جي خواهش جو اظهار ڪيو، جنهن کانپوءِ هو اتي ويو. بشڪيڪ جي دوري دوران نائب ??زي??اعظم پا??ستاني پورهيت شاهزيب سان اسپتال ۾ ملاقات ڪئي جنهن کي ان واقعي ۾ ڄاڙي جو فريڪچر ٿيو هو. بعد ۾ بشڪيڪ جي صحت و??ري کاتي جي عملدارن جي اجازت کانپوءِ هو پنهنجي خواهش تي نائب ??زي??اعظم جي خصوصي جهاز ۾ واپس پا??ستان آيو. نائب ??زي??اعظم کي ڪرغزستان عملدارن ٻڌايو ته تشدد جي انهن واقعن جو هدف رڳو پا??ستاني شهري نه هئا. جيتوڻيڪ ا?? معاملي کي ڪرغزستان جي صدر جي ذريعي اهو اعلان ڪرڻ کانپوءِ حل ڪيو ويو ته اڳتي اهڙي ڪنهن به تشدد جي خلاف زيرو ٽالرنس جي پاليسي هوندي. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته ڪرغزستان حڪومت انهن کي خاطري ڪرائي ته ڏوهارين کي سزا ڏني ويندي. جڏهن ته ڪجهه کي اڳ ۾ ئي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪرغزستان حڪومت غيرملڪي شاگردن کي پنهنجو معزز مهمان سمجهي ٿي جيڪي قومي معيشت ۾ پنهنجو حصو وجهن ٿا. نائب ??زي??اعظم چيو ته سندس درخواست تي ڪرغزستان عملدارن اٽڪل 1100 انهن پا??ستاني ورڪرز کي ريگيولرائيز ڪرڻ تي راضي ٿيا جن کي قيام جو مدو پورو ڪرڻ تي ملڪ بدر ڪرڻ جو ارادو هو. هن چيو ته انهن ڪرغز حڪومت کي ايجنڊا جي ذريعي نه پر حڪومت سان حڪومت جي طريقيڪار تحت پا??ستان جي هنرمند افرادي قوت درآمد ڪرڻ جي آڇ به ڪئي آهي. جنهن تي هو متفق ٿي ويا آهن. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته بشڪيڪ ايئرپورٽ تي انهن سان ڳالهه ٻولهه دوران پا??ستاني شاگردن جي نمائندن صورتحال دوران پا??ستاني مشن جي ڪردار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. شاگردن ۾ پيدا ٿيندڙ ڳڻتي جي حوالي سان سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته هن ڪرغزستان جي نائب ??زي??اعظم ۽ پرڏيهي ??زي?? کي مشورو ڏنو آهي ته هو انهن سان ڳالهه ٻولهه جي لاءِ پنهنجا نمائندا موڪلين. هڪ سوال جي جواب ۾ نائب ??زي??اعظم چيو ته ڪرغزستان ۾ ميڊيڪل جي تعليم حاصل ڪندڙ پا??ستاني شاگردن تي اڳ ۾ ئي پي ايم ڊي سي ۽ ايڇ اي سي پاران سوال اٿاريا ويا آهن. هن چيو ته ??زي??اعظم شهباز شريف منهنجي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي جيڪا ان ڳالهه جو جائزو وٺندي ته ميڊيڪل جي تعليم جي خواهشمند نوجوانن جي پا??ستان جي اعليٰ طبي تعليم جي معيار تي ٺاهه ڪرڻ کانسواءِ مقامي طور تي ڪيئن گنجائش پيدا ڪري سگهجي ٿي.