اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) نجڪاري ۽ سيڙپڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ??اڪ??تان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ??ين جي سروس گروپ سان جوائنٽ وينچر تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. واپار وار واري وزارت پاران جاري پڌرائي موجب بيجنگ ۾ چيئرمين چائنيز گروپ آف ڪمپنيز لي ڪوانگ سان وفاقي وزيرن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نجڪاري ۽ سيڙپڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته ملڪي ۽ غيرملڪي انويسٽرز جي لاءِ ??اڪ??تان ۾ سيڙپڪاري جي عمل کي آسان بڻائي رهيا آهيون، ايز آف ڊوئنگ بزنس ۽ ”ون اسٽاپ شاپ“ جهڙا منفرد فيچرز پڻ متعارف ڪرائي رهيا آهيون. هن چيو ته سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي جي لاءِ ??اڪ??تان بزنس پورٽل تي تيزي سان ڪم جاري آهي. سيڙپڪاري واري وفاقي وزير چيو ته انويسٽمينٽ ۾ غيرضروري رڪاوٽون ختم ڪرڻ سان گڏوگڏ آن لائين سهولتن کي يقيني بڻايو پيو وڃي ۽ ڪار??با??ي ماڻهن کي سيڙپڪاري جي لاءِ خ??وص?? مراعتون ۽ سهولتون ڏنيون ??ين??يون. بيجنگ ۾ ڪار??با??ي گروپس جي سربراهن سان ملاقات جي موقعي تي واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو ته ??اڪ??تان ??ين سان ٻطرفي واپاري سرگرمين جي فروغ جو خواهشمند آهي ۽ تازي ??ين جي دوري جا سيڙپڪاري تي مثبت اثر پوندا.