آستانه – 04 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊس آف اسٽيٽ (ايس سي او) جي 24هين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ قزاقستان جي گادي واري شهر آستانه ۾ موجود عالم?? اڳواڻن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ترڪ صدر رجب طيب اردو??ن، آذربائيجان جي صدر الهام عليوف، تاجڪستان جي صدر امام علي رحم??ن، ڪرغزستان جي صدر صدير جاپاروف ۽ بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شنڪو سان به ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف ٻين اڳواڻن سان گڏ اجلاس جي پڄاڻي تي ??هڻ طرفي ڳالهه ٻولهه کي مضبوط ڪرڻ، پائيدار امن ۽ خوشحالي طرف جدوجهد جي عنوان سان جاري ٿيندڙ پڌرنامي تي صحيحُون ڪرڻ لاءِ شريڪ ٿيو، جنهن ۾ پاڪست??ن، چين، روس، تاجڪست??ن، ترڪي، ازبڪست??ن، بيلاروس، اير??ن، ڪرغزست??ن، ڀارت ۽ ٻين مُلڪن جي اڳواڻن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي.