اسلام آباد – 08 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سرڪاري زمين جي پيداواري استعمال جي لاءِ عالمي مالياتي ادارن ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج کان فنڊنگ حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسٽيٽ لينڊ بئنڪ قائم ڪرڻ جي تجويز ڏيندي ڪڇ?? ڪينال منصوبي کي ڏيڍ سال ۾ مڪمل ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪڇ?? ڪينال سان بلوچستان 713000 ايڪڙ زمين سيراب ٿيندي، وفاقي حڪومت منصوبي ??ي ترجيحي بن??ادن تي وقت سر تڪميل يقيني بڻائڻ جي لاءِ فنڊز فراهم ڪندي. صدر اها هدايت ايوان صدر ۾ گرين پاڪستان منصوبي ??ابت اجلاس جي صدارت ڪند?? ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر کي گرين پاڪستان منصوبي ??ي لاءِ اسٽريٽجڪ واهن جي تعمير بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وفاقي گهرو سيد محسن رضا نقوي ۽ اعليٰ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. صدر ??ي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گرين پاڪستان منصوبي ??حت 6 اسٽريٽجڪ واهن جي تعمير ڪئي ويندي، اسٽريٽجڪ واهن ۾ چشما رائٽ بينڪ، ڪڇي، ريڻي، گريٽر ٿل، چولستان ۽ ٿر ڪينال شامل آهن. بريفنگ ۾ چيو ويو ته واهن سان ملڪي پوکي جوڳي زمين، لائيو اسٽاڪ ۽ ماهيگيري جي صلاحيت وڌائڻ ۾ مدد ملندي. هن گرين پاڪستان منصوبي ??ي لاءِ اسٽريٽجڪ واهن تي ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پ??ڻي جو زيان روڪڻ جي لاءِ اسٽريٽجڪ واهن کي پڪو ڪيو وڃي، پ??ڻي تحفظ، پ??ڻي جو زيان گهٽ ڪرڻ ۽ پ??ڻي جي دستيابي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي آبپاشي جي شعبي کي جديد رخن تي قائم ڪرڻو پوندو. صدر واهن جي ڀرپاسي وارن بنجر علائقن ۾ ڊرپ آبپاشي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته سرڪاري زمين جي پيداواري استعمال جي لاءِ عالمي مالياتي ادارن ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج کان فنڊنگ حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسٽيٽ لينڊ بئنڪ قائم ڪئي وڃي. صدر آصف علي زرداري انڊس ريور سسٽم اٿارٽي جي اصلاح ۽ ان ??ي بهتر بڻائڻ تي پڻ زور ڏنو. بريفنگ ۾ صدر کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ويو ته پ??ڻي جي دستيابي ۽ وهڪري جي حوالي سان صحيح ڊيٽا شيئرنگ جي لاءِ 27 ٽيلي ميٽري پوائنٽس قائم ڪيا ويندا.