اسلام آباد -04 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڄ سومر ڏينهن يوم استح??ال جي موقعي تي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڪشمير يڪجهتي واڪ جي قيادت ڪندو. واڪ ۾ پرڏيهي وزارت جي آفيسرن ۽ ملازمن سميت زندگي جي مختلف ??عبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو شرڪت ڪندا. محمد اسحاق ڊار ۽ ٻيا اڳواڻ بعد ۾ خطاب پڻ ڪندا. ٻئي پاسي يوم استح??ال جي موقعي تي انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد 5 آگسٽ جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن جي پنج سال جي موضوع تي هڪ سيمينار جي ميزباني ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مماز زهره ??لو?? تقريب جي خاص مهمان هوندي.