اسلام ??باد-07 آگسٽ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سان پاڪستان ۾ آمر??ڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئي ??هي، جنهن دوران ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت طرفان جاري بيان موجب وفاقي وزير چيو ته پاڪستان آمر??ڪا سان حصيداري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ريسرچ اينڊ انڊوومينٽ فنڊ ۾ زرعي يونيورسٽي لاءِ آمر??ڪا جي تعاون کي ساراهيون ٿا. آمر??ڪا سان زرعي تعاون کي مضبوط بڻائڻ چاهيون ٿا، پيداوار وڌائڻ لاءِ زرعي ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي ضرورت آهي. راڻا تنوير حسين چيو ته پاڪستان جي نئين زرعي مصنوعات کي آمريڪي مارڪيٽ تائين پهچ ڏني وڃي، ڊونلڊ بلوم چيو ته پاڪستان ۾ سماجي ۽ زرعي شعبي ۾ تعاون جاري رکنداسين، پاڪستان ۾ يونيسيف سان گڏ??ي غذائي کوٽ پروگرام ??ي ڪم ڪري رهيا آهيون. پاڪستان سان زرعي شعبي ۾ تعاون وڌايو ويندو، آمر??ڪا زراعت تي موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي مدد ڪندو.