اسلام آباد -12 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آه??، ته عورتن کي مڪمل طور تي بااختيار بڻائڻ کان سواءِ گرين اڪانامي ۽ پائيدار ترقي جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي، اميد آه?? ته جينڊر ايمپاورمينٽ ۽ گرين اڪانامي جي موضوع تي منعقد ڪانفرنس اسان جي ڪوششن جي حاصلات ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اسپيڪر جاپان جي مملڪتي وزير توشيڪو آبي سميت سمورن ڏيهي ۽ پرڏيهي نمائندن جي آجيان ڪندي چيو ته عورتون اسان جي آبادي جو هڪ وڏو حصو آه??، جن کي خودمختيار بڻائڻ کان سواءِ گرين اڪانامي ۽ پائيدار ترقي جو هدف حاصل ڪرڻ جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي، عورتن کي بااختيار بڻا??ڻ ۽ پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آه??، پاڪستان جي پ??رليامينٽ ان سلسلي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آه??، پاڪستان جي پ??رليامينٽ ۾ جينڊر مين اسٽريمنگ ڪميٽي جو قيام ملڪ ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ اهم ثابت ٿيندو. هن چيو ته عورتن خلاف اعتراض جوڳن لفظن جو استعمال قبولڻ جوڳو ناهي. موسمياتي تبديلين جو ذڪر ڪندي هن چيو ته اهو هڪ اهم عالمي مسئلو آه??، پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آه??، ان کي منهن ڏيڻ لاءِ هر سطح تي قدم کڻڻ جو سلسلو جاري آه??، گرين اڪانامي جي سلسلي ۾ وفاقي حڪومت طرفان بلوچستان ۾ اربين روپين جي شمسي توانائي جي منصوبي جي شروعات ڪئي وئي آه?? جيڪو موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ ۾ هڪ اهم قدم آه??.هن چيو ته موسمياتي تبديلي بابت وزيراعظم جي ڪو آرڊينيٽر ر??مينه خورشيد عالم کي ان اهم مسئلي تي ريجنل ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي مبارڪون ڏيندي اسپيڪر اميد ظاهر ڪئي ته اها ڪانفرنس اسان جي ڪوششن جي حاصلات ۾ مددگار ثابت ٿيندي.