اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستاني نوجوان بي پناهه صلاحيتون رکندڙ آهن، نوجوانن کي موقعا فراهم ڪيا وڃن ته ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خ??ال?? جو اظهار آڪسفورڊ يونين سوسائٽي جي نئين چونڊيل صدر اسرار خان ڪاڪڙ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر آصف علي زرداري اسرار خان ڪاڪڙ کي آڪسفورڊ يونين سوسائٽي جو صدر چ??نڊجڻ ??ي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته بلوچستان مان پاڪستاني نوجوان جو آڪسفورڊ يونين جو صدر چ??نڊجڻ وڏو اعزاز آهي. صدر چ??و ته محترمه بينظير ڀٽو ??ڪسفورڊ يونين جي پهرين ايشيائي عورت صدر هئي. آصف علي زرداري چيو ته پاڪستاني نوجوان بي پناهه صلاحيتون رکندڙ آهن، نوجوانن کي موقعا فراهم ڪيا وڃن ته ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن ٿا، اسرار خان جي آڪسفورڊ يونين جي صدر چ??نڊجڻ ??ان ٻين نوجوانن جي پڻ حوصلا افزائي ٿيندي. صدر ان اميد جو اظهار ڪيو ته اسرار خان مستقبل ۾ پڻ پنهنجي ڪاميابين سان ملڪ جو نالو روشن ڪندا.