اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان عالمي امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعز?? آهي، هن اعتمادسازي جي قدمن ج?? ذريعي علائقائي تعاون کي مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ ايشيا ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ايشيائي رابطن ۽ اعتمادسازي وارن قدمن و??ري ڪانفرنس (سيڪا) جي بنيادي مقصد جي لاءِ پاڪستان ج?? حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ايشيائي رابطن ۽ اعتمادسازي قدمن و??ري ڪانفرنس (سيڪا) جي جنرل سيڪريٽري سفير ڪيرات سريبي ملاقات ڪئي. وزيراعظم اعتمادسازي جي قدمن ذريعي علائقائي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سيڪا جي بنيادي مقصد جي لاءِ پاڪستان ج?? حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن تڪرارن ج?? بنيادي سببن کي حل ڪرڻ، تڪرارن کان بچڻ جي حڪمت عملي تي عمل پيرا ٿيڻ ۽ خطي ۾ پائيدار امن ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڊگهي مدي وارو حل تيار ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته 26 – 2025ع جي لاءِ گڏيل قومن ج?? سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر طور پاڪستان عالمي امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعز?? آهي. وزيراعظم علائقائي رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان ج?? عزم جو اظهار به ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ سيڪا جي ج??ري ڪوششن کي ساراهيو. سيڪريٽري جنرل سريبي وزيراعظم کي سيڪا جي ج??ري سرگرمين ۽ قدمن سان گڏوگڏ مستقبل جي لاءِ تجويز ڪيل ويزن بابت آگاهه ڪيو. هن سيڪا ۾ پاڪستان ج?? فعال ۽ تعميري ڪردار کي ساراهيندي ويجهو تعاون ج??ري رکڻ جي اميد ظاهر ڪئي.