اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) گ??رو معاملن واري وفاقي وزير م??سن نقوي چيو آهي، ته ب??وچ??تان ۾ دهشتگردي جي واقعن جي جاچ کان پوءِ حقيقتون ثبوتن سميت سامهون آڻينداسين، تخريبڪاري جا واقعا پاڪستان ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي سازش آهن. دشمن سوچيل سمجهيل منصوبي تحت ملڪ ۾ انارڪي پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ گ??رو معاملن واري وفاقي وزير م??سن نقوي چيو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وقت سر ڪارروائي ڪري 12 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ب??وچ??تان ۾ امن جي قيام لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي لڪڻ جي جاءِ نه ملندي. گ??رو وزير چيو ته ب??وچ??تان حڪومت سان رابطي ۾ آهيون. امن جي فضا برقرار رکڻ لاءِ موثر قدم کنيا پيا وڃن. ب??وچ??تان جي مختلف علائقن ۾ هڪٻئي پٺيان دهشتگردي جي واقعن ۾ شهيدن جي وارثن سان غم ۾ برابر جو شريڪ آهيون، ڪو جيڪڏهن اهو سمجهي ٿو ته هن بزدلاڻين ڪارروائين سان قوم جي پختي عزم کي شڪست ڏئي سگهي ٿو ته اها ان جي ڀُل آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي. ب??وچ??تان ۾ امن امان جي صورتحال کي مستقل بنيادن تي مانيٽر ڪيو پيو وڃي.