اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردن جي خلاف آپريشنز دوران شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جي عزم کي ڪمزور نٿيو?? ڪري سگهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر ڪاررواين دهشتگردن جي ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو، پوري قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته اسان شهيدن جي لازوال قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا، هر قسم جي دهشتگردي کي پ??ڙ کان پٽي اڇلائينداسين، دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جي عزم کي ڪمزور نه ٿيو?? ڪري سگهن. وزيراعظم شهيدن ج?? درجن جي بلندي جي لاءِ دعا ??ئي ۽ انهن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو.