اسلام آباد -04 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ??هي?? ته بجلي چوري جي روڪٿام ۽ رهتن جي عدم ادائگي وارن علائقن جي نشاندهي لاءِ سمارٽ ميٽرن کي ٽرانسفارمرن تي منتقلي جي حوالي سان 6 ارب ڊالرن جي منصوبي لاءِ ورلڊ بئنڪ قرض جي فراهمي تي رضامندي ظاهر ڪئي ??هي?? جن علائقن ۾ بجلي چوري جي شرح 20 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي اتي وڌيڪ لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي ??هي?? ملڪ ۾ بجلي جي پي??او??ر وڌيڪ جڏهن ته ان جي کپت گهٽ ??هي?? آءِ پي پيز کي ڪيپسٽي پيمينٽ جي حوالي سان مسئلي جي حل لاءِ اڳڀرائي جاري آهي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران شهلا رضا جي سوال جي جواب ۾ اعظم نذير تارڙ چيو ته آبي وسيلن واري وزير، ڪيپسٽي ادائگين لاءِ اهم اجلاس طلب ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ونڊ انرجي جي صلاحيت هڪ لک 32 هزار مي??او??ٽ ??هي?? نجي شعبي جي سهڪار سان ونڊ انرجي جا 1845 مي??او??ٽ سگهه رکندڙ 36 منصوبا آهن، اسان جي سگهه جي ڀيٽ ۾ بجلي جي طلب گهٽ ??هي?? ان شعبي ۾ وڌيڪ ڪم نجي شعبي جي سهڪار سان ٿي رهيو آهي. نوابزاده افتخار جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته شاه جمال مظفر ڳڙهه ۾ گرڊ اسٽيشن جي ديوار تائين ڪم ٿي چڪو آهي. ورلڊ بئنڪ جي قرض سان اهو ٻن سالن ۾ مڪمل ٿي ويندو. مهرين رزاق ڀٽو جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته 200 يونٽ تائين پروٽيڪٽيڊ صارفين کان 14 روپيا في يونٽ چارج ڪيا ويندا آهن، ڪل صارفين مان هڪ ڪروڙ 70 لک صارفين ماهوار 200 يونٽ کان گهٽ بجلي استعمال ڪن ٿا. ڊالر جي قدر ۾ اضافي سان اهو ممڪن ناهي ته سمورن صارفين کي پهرين 200 يونٽن تي 14 روپيا في يونٽ جي حساب سان ئي چارج ڪيو وڃي ۽ صرف ان کان وڌيڪ استعمال تي في يونٽ چارجز ۾ اضافو ٿئي. اورنگزيب جي سوال جي جواب ۾ اعظم نذير تارڙ چيو ته آءِ پي پيز کي ڪيپسٽي پيمينٽ جي حوالي سان سٺي اڳڀرائي ٿي ??هي?? ايس سي او هن ڀيري پاڪستان ۾ ٿي رهي آهي جنهن ۾ چين جو وزيراعظم به شرڪت ڪندو. ان ۾ ب??تري جي اميد آهي. آصفه ڀٽو جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته لوڊ شيڊنگ جو معاملو رڪوري، رهتن، ڊسڪوز جي صورتحال سبب ??هي?? جن علائقن ۾ بجلي چوري جي شرح 20 سيڪڙو تائين آهي اتي لوڊ شيڊنگ ناهي، جن علائقن ۾ 30 سيڪڙو تائين لاسز آهي اتي 2 ڪلاڪ، 40 کان 60 سيڪڙو تائين جي لاسز وارن علائقن ۾ پنجن کان ڇهه ڪلاڪ ۽ 80 کان 100 سيڪڙو لائن لاسز وارن علائقن ۾ 12 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ ٿيندي ??هي?? بجلي سر پلس آهي جڏهن ته ان جي لاڳت وڌيڪ ??هي?? ان ۾ توازن سان ئي بهتري ٿيندي آهي. لوڊ شيڊنگ بجلي جي کپت ۾ گهٽتائي، چوري ۽ بجلي بلن جي عدم ادائگي سبب ٿيندي ??هي?? سمارٽ ميٽرنگ لاءِ ورلڊ بئنڪ 70 سيڪڙو قرض ڏيندي، جتي وڌيڪ مسئلا آهن اتي سمارٽ ميٽرن سان بجلي چوري جي نشاندهي ٽرانسفارمر مان ٿي سگهندي. ان هڪ ميٽر جي قيمت 200 ڊ??لرن تائين هوندي، ان جي فزيبلٽي ۽ منصوبا بندي تي ڪم جاري آهي. عمر ايوب جي سوال جي جواب ۾ اعظم نذير تارڙ چيو ته بجلي وارو وزير پري شيڊولڊ اجلاس ۾ آهي. هن چيو ته سمارٽ ميٽرن کي ٽرانسفارمرن سان ڳنڍڻ جو ڪم ٿي رهيو آهي جنهن لاءِ پنج سال ۽ لاڳت 16 ارب ڊالر ??هي?? جيڪڏهن ڪنڍا سسٽم ان سان به مڪمل طور تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو ته بجلي چوري وارن ٽرانسفارمرن جي نشاندهي ٿي سگهندي. جن علائقن ۾ بجلي جي چوري وڌيڪ آهي. انهن تي فوڪس ڪيو ويندو ۽ ان سان انهن علائقن جي نشاندهي ٿيندي، ورلڊ بئنڪ ان لاءِ قرض فراهم ڪرڻ تي راضي ٿي وئي آهي.