اسلام آباد-05 سيپٽمبر(اي پي پي) قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ منڪي پاڪس جا ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ انٽرنيشنل فلائٽس ذريعي ايندڙن لاءِ اسڪريننگ جو نظام فعال ڪيو ??يو ??هي?? اسان وٽ ٽيسٽ جي سهولت آهي ۽ ڪٽس وڏي مقدار ۾ موجود آهن، پاڪستان مڪمل محفوظ آهي. ڪالهه سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر ذيشان خانزاده پاران ڌيان ڇِڪرايو ??وٽيس جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ڊبليو ايڇ او جڏهن منڪي پاڪس بابت ايمرجنسي لاڳو ڪئي ته وزيراعظم سمورين ڌُرين ج?? اجلاس جي صدارت ڪري بريفنگ ورتي. ايئرپورٽس تي انٽرنيشنل فلائٽس جي اسڪريننگ جو نظام فعال ڪيو ??يو ??هي?? هاڻ تائين 5 ڪيس سامهون آيا آهن ج??ڪي پُراڻي قسم جا آهن ان مان ٻن مريضن کي آئسوليشن ۾ رکيو ??يو آهي. هن چيو ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ روزاني جي بنياد تي انگ اکر جمع ڪيا وڃن ٿا. هن چيو ته هيءَ ڦهلجند?? بيماري ??هي?? اسان وٽ ٽيسٽ جو نظام ۽ ڪٽس وڏي انگ ۾ موجود ??هي?? جيڪڏهن ايئرپورٽ تي ڪو ڪيس سامهون آيو ته پوءِ ٽيسٽ کانپوءِ ان کي آئسوليشن ۾ موڪليو ??ڃي ٿو. هن چيو ته اسان وٽ ماهر ڊاڪٽر ۽ وسيلا موجود آهن ۽ هن وقت اسان منڪي پاڪس کان محفوظ آهيون.