اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ منعقد اجلاس ۾ ٽوڙيل اداري پي ڊبليو ڊي جي انتظام هيٺ جاري ترقياتي منصوبن کي صوبن کي منتقل ڪر?? جي عمل ۾ تيزي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ منصوبا بندي واري سيڪريٽري ۽ مختلف صوبن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته پي ايس ڊي پي منصوبن کي جلد کان جلد صوبائي حڪومت کي منتقل ڪيو ويندو ته جيئن انهن منصوبن تي ڪم بنا ڪنهن رڪاوٽ جاري ره?? سگهي. احسن اقبال ??يو ته صرف منصوبن کي منتقل ڪيو پيو وڃي ۽ انهن منصوبن کي پي ايس ڊي پي تحت ڏني ويندڙ فنڊنگ جاري رهندي. هن سمورن صوبن کي هدايت ڪئي ته هو منتقل ڪيل جاري منصوبن جي وزارتن جي نالي سان هفتي اندر آگاهه ڪن. وفاق ۾ جاري پي ڊبليو ڊي جي منصوبن کي به سي ڊي اي ۽ لاڳاپيل وزارتن کي منتقل ڪيو ويندو. هن واضح ڪيو ته پي ڊبليو ڊي جي انتظام هيٺ جاري منصوبا ختم نه پيا ڪيا وڃن پر انهن کي صرف مختلف ادارن ??ان??ن منتقل ڪيو پيو وڃي. احسن اقبال ??يو ته بلوچستان ان حوالي سان سڀ کان پهرين پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو آهي ۽ باقي صوبن کي به هفتي اندر مڪمل ڄاڻ فراهم ڪرڻي آهي. هن ??يو ته ان ڪميٽيءَ جو مقصد اهوئي هو ته جيڪي ڏُکيائيون درپيش آهن انهن کي قانون مطابق حل ڪيو وڃي. صوبن کي جلد کان جلد منتقل ڪرڻ لاءِ انهن کي ضلعن جي لحاظ سان وِرهايو ويندو ۽ هر ضلعي ۾ ڊي سي کي فوڪل پرسن بڻايو ويندو جيڪو پي ڊبليو ڊي ۽ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي سمورن معاهدن کي رينڊم 4 کان 5 ڏينهن ۾ مڪمل ڪندو. ٺيڪيدارن کان اين او سي ورتي ويندي ته کين اسپانسر ايجنسي جي تبديلي تي ڪو اعتراض ناهي. ان فيصلي سان اميد آهي ته ترقياتي منصوبا وقت سر مڪمل ٿيندا ۽ عوام کي فائدو پهچندو.