اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ??نڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سيد نويد قمر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي حڪومت جي ??نڌ صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ وفاق ۽ صوبي جي تعاون سان جاري عوامي مفاد جي منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي سان ڳ??له?? ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما ۽ مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ پڻ شريڪ هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??نڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم کي ??نڌ جي ترقي ۾ خصوصي دلچسپي وٺڻ تي ٿورا مڃيا. ??نڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم کي صوبي ۾ جاري توانائي جي منصوبن تي اڳڀرائي ۽ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي پڻ ڳ??له?? ٻولهه ڪئي وئي.