اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آل پارٽيز ڪ??نف??نس ۾ سمورن شرڪت ڪندڙن سان حوصلي جوڳي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، قرارداد به اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي آهي. ايوان صدر ۾ آل پارٽيز ڪ??نف??نس جي پڄاڻي تي صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته تمام سٺي ڪ??نف??نس هئي، مظلوم فلسطينين جي لاءِ تمام سٺيون تجويزون ڏنيون ويون. هن چيو ته فوري جنگبندي جي لاءِ پوري ڪوشش استعمال ۾ آڻينداسين، اسلامي ملڪن سان به رابطو ڪنداسين.