اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ جھاز راني جو عالمي ڏھاڙو ملھايو ويو. ھلندڙ سال ان ڏينھن جو موضوع ”نيويگيٽنگ دي فيوچر، سيفٽي فرسٽ“ چونڊيو ويو ھو جيڪو سامونڊي حفاظت ۽ سلامتي کي ھٿي وٺرائڻ جي اھم??ت کي اجاگر ڪري ٿو. ان ڏينھن کي ملھائڻ جو مقصد سمنڊ اندر مسافرن، ما?? بردار، تيل ۽ ڪيميڪل برادر ٻيڙن جي حفاظتي سفر جڏھن ته سمنڊ ۾ پيش ايندڙ گڏيل مسئلن جي حل کي ڳولڻ ۽ ان جي ازالي لاءِ عملي قدمن کي يقيني بڻائ?? آھي. جھاز راني جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي سڄي ملڪ ما?? سرڪاري ۽ نجي ادارن جي انتظام ھيٺ مختلف تقريبون رکيون ويون جن جو مقصد سمنڊ جي حفاظت ۽ سلامتي کي ھٿي ڏيڻ جي حوالي سان عام ماڻھو ۾ جاڳرتا پيدا ڪر?? آھي.