اسلام آباد-11 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن العزيز الفالح پاڪ – سعودي عرب بزنس فورم کي خطاب ڪندي چيو آھي ته تازي دوري دوران ٻنھي ملڪن جي واپاري وفدن وچ ۾ ملاقاتون اثرائتون ثاب?? ٿيون آھن. جمعي تي منعقد ٿيل فورم جي موقعي تي خيالن جو اظھار ڪندي سعودي وزير چيو ته اھو دورو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ڀائراڻن ناتن ۾ وڌيڪ اضافي ??و سبب بڻجندو. ھن چيو ته تازي دوري دوران پاڪستان سان ڪيترن ئي معاھدن ۽ مفاھمت جي يادداشتن تي صحيحيون ڪيون ويون آھن، جن سان ٻنھي برادر ملڪن جي اقتصادي ?? واپاري رابطن کي ھٿي ملندي.