اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??اڪ??تان ۽ چين جي وزيراعظمن بنيادي نوعيت جي سمورن معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ٻئي ملڪ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن ۽ گهڻ رخي فورمز تي ويجهي مشاورت جاري رکندا جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن ??اڪ??تان ۾ چيني سيڙپڪاري وڌائڻ جي حوالي سان حڪمت عملي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چين جي وزيراعظم لي چيانگ جي وچ ۾ وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته گڏيل اعتماد ۽ گڏيل اصولن تي ٻڌل پاڪ ??ين اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي وقت سان گڏ وڌيڪ سگهه ملي رهي آهي.
ٻنهي اڳواڻن بنيادي نوعيت جي سمورن معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ ??ين ??اڪ??تان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) فيز 2 جي اعليٰ معيار تي ترقي جي لاءِ عزم جو اظهار ڪيو. هنن گڏيل فائديمند ۽ ??اڪ??تان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ صنعت، زراعت جي جديديت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت سمورن جاري منصوبن جي وقت سر تڪميل جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته سي پيڪ تحت تعاون هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ??اڪ??تان ۾ چيني شهرين ۽ منصوبن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ??اڪ??تان جي اڻٿڪ عزم جو يقين ڏياريو. ٻنهي ڌرين اعليٰ سطح جي رابطن کي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو جنهن ۾ ٻطرفي تعاون جي سمورن شعبن کي مضبوط ڪرڻ شامل آهي. م
لاقات ۾ چيني صنعت جي ??اڪ??تان ۾ ري لوڪيشن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ??اڪ??تان ۾ چيني سيڙپڪاري وڌائڻ جي حوالي سان حڪمت عملي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ويو ته ??اڪ??تان ۽ ??ين علائقائي ۽ عالمي اميت جي مسئلن ۽ گهڻ رخي فورمز تي پڻ ويجهي مشاورت جاري رکندا.