اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) اسلام آباد جي نيب ھيڊڪوارٽر ۾ 24 ھين سالياني ڊي جيز ڪانفرنس شروع ٿي وئي آھي. ٻن ڏينھن واري ڪانفرنس جي صدارت نيب چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد ڪري رھيو آھي. ڪانفر??س ۾ نيب جو ڊپٽي چيئرمين سھيل ناصر، پراسيڪيوٽر جنرل اڪائونٽبلٽي، ن??ب ريجنل جي آفيس جا ڊائريڪٽر جنرلز ۽ ٻيا اختيار شرڪت ڪري رهيا آھن. گذريل ڏينھن نيب مان جاري بيان مطابق ڪانفر??س ۾ نيب جي علائقائي بيوروز جا ڊائريڪٽر جنرلز ۽ مختلف ڊويزنن سميت پراسيڪيوشن، آپريشنز ۽ اي اينڊ پي جا سربراھه پنھنجي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏيندا. ڪانفر??س ۾ نيب جي ڪارڪردگي، عوامي شڪايتن تي ڪارروائي، نئين پاليسي گائيڊ لائنز تي عمل درآمد، ڪ??سن جي پيروي ۽ تجويز ڪيل سڌارن جو جائزو ورتو ويندو.