اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري انقره ۾ ٿيندڙ د??شتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي هڪ عالمي چئلينج آهي، پاڪستان به دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏنو، پاڪستان اهڙي وحشياڻي ڪاررواين جي درد ۽ تڪليف کي سمجهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پنهنجي بيان ۾ ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ترڪ حڪومت ۽ عوام سان تع??يت جو اظ??ار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جو اظ??ار ڪري ٿو جڏهن ته متاثر خاندانن سان تع??يت جو اظ??ار ڪريون ٿا. صدر زخمين جي جلد ص??تي??بي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته دهشتگرد امن ۽ انسانيت جا دشمن آهن. صدر دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي ۽ سمورين قومن جي محفوظ مستقبل جي لاءِ عالمي برادري پاران گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو.