اسلام آباد -28 آڪٽوبر (اي پي پي) پارليامينٽيرينز فار گلوبل ايڪشن (پي جي اي) جي ميمبرن بئريسٽر عقيل ملڪ، بئريسٽر دانيال چوڌري ۽ ڊاڪٽر مرزا اختيار بيگ پي جي اي کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي، ته عالمي امن ۽ انصاف جي فراهمي ۾ پارليام??ني نمائندن جو ڪردار هن وقت اڳ کان وڌيڪ اهميت اختيار ڪري چڪو آهي، پاڪستان جي ميزب??ني ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ عالمي قانون، موسمياتي تبديلي ۽ انس??ني حقن جهڙن اهم مسئلن تي ڀرپور ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ان فورم ۾ شريڪ پاڪست??ني ۽ عالمي نمائندن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پارليامينٽيرينز عالمي چئلينجن جي حل ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪندا. هو گذريل ڏينهن پارليامينٽيرينز فار گلوبل ايڪشن (پي جي اي) جي اجلاس ج?? افتتاحي تقريب جي ويهڪ کان پوءِ قومي خابرو اداري اي پي پي سان ڳالهائي رهيو هو. پي جي اي جي ميمبر ۽ قانون ۽ انصاف بابت صلاحڪار بئريسٽر عقيل ملڪ چيو آهي، ته پاڪستان هميشه عالمي انصاف ۽ انس??ني حقن جي اصولن جو پاسبان رهيو آهي. هن فلسطين ۽ ڪشمير جهڙن مسئلن تي عالمي برادري کي ٻٽي معيار جي خاتمي جي ضرورت تي زور ڀريو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي جدوجهد عالمي انصاف کي هٿي وٺائڻ جي عڪاسي آهي ۽ اسان کي پنهنجي ملڪ جي خودمختياري ۽ سلامتي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪرڻ گهرجي. پي جي اي جي ميمبر ۽ سڌ سماءَ بابت وفاقي پارليام??ني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته پاڪست??ني سياستدانن جو ڪردار عالمي امن ۾ اهم حيثيت رکي ٿو، ڪشمير ۽ فلسطين جي مسئلي جهڙن تڪرارن کي حل ڪرڻ لازمي آهي ته جيئن هڪ منصفاڻو ۽ پائيدار امن قائم ٿي سگهي. دانيال چوڌري چيو ته پاڪستان عالمي امن کي هٿي وٺائڻ ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن ۽ اسان عالمي انصاف جي اصولن تي ڪاربند رهنداسين. پي جي اي جي ميمبر ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر مرزا اختيار بيگ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي ڳالهين جي تائيد ڪندي چيو ته موسمياتي تبديلي جهڙن چئلينجز تي عالمي سهڪار جي ضرورت آهي، پاڪستان عالمي برادري سان گڏ انهن چئلينجز کي من??ن ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته پاڪستان سدائين انس??ني حقن ۽ قانون جي حڪمر??ني جو علمبردار رهيو آهي ۽ عالمي امن جي بحالي ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان عالمي انصاف، امن ۽ انس??ني حقن کي هٿي وٺائڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو، عالمي برادري کي به هڪجهڙي انصاف جي اصولن تي عمل ڪرڻ گهرجي.