غذر – 06 – نومبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ متاثرين جي لاءِ غذر جي بوبر ماڊل وليج ۾ سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. گلگت بلتستان جي ضلعي غذر جي ڳوٺ بوبر ۾ 2022ع جي ٻوڏ جي ڪري تباهه ٿيندڙ بستيءَ جي جڳهه نئين ماڊل وليج جي افتتاح ۽ متاثرين کي نئين تعمير ٿيل گهرن جا ملڪيتي ڪاغذ ڏيڻ واري تقريب کي خ??اب ڪندي وز??راعظم چيو ته هو آگسٽ 2022ع ۾ هتي آيو هو جتي هر طرف ٻوڏ کانپوءِ تباهي ???? منظر هئا. موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ تباهي ??ڻيندڙ ٻوڏ ۽ برساتن پوري ڳوٺ کي زمين بوس ڪري ڇڏيو هو. اڄ هتي نئين بستي تعمير ڪئي وئي آهي. متاثر خاندانن کي انهن جي گهرن جا ملڪيتي ڪاغذ ڏنا ويا آهن. وز??راعظم متاثرين جي بحالي، آبادڪاري ۽ نئين سر تعمي?? تي لاڳاپيل ادارن ۽ عملدارن کي شاباس ڏني ۽ هدايت ڪئي ته نئين تعمير ٿيل گهرن کي سرديءَ جي موسم ۾ رهڻ جي قابل بڻائڻ جو انتظام ڪيو وڃي. ماڊل وليج جي معيار کي جانچڻ جي لاءِ ڪنهن ٽئين ڌر کان توثيق ڪرائڻ کانسواءِ ادائيگيون نه ڪيون وڃن ۽ اسڪول، ڊسپينسري ۽ راند جي ميدان سميت سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وز??راعظم ڊسپينسري ۾ الٽراسائونڊ، ايڪسري ۽ ويم سميت سموريون ضروري سهولتون فوري فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وز??راعظم ٻڌايو ته هن ٻوڏ متاثر ٻارڙي قنديل جي لاءِ 50 لک رپين جي انڊومنٽ فنڊ جو اعلان ڪيو هو، اڄ اهو فنڊ 67 لک تائين پهچي چڪو آهي. وز??راعظم متاثرين کي انهن جي گهرن جا الاٽمينٽ ليٽرز ورهايا. ان کان اڳ وز??راعظم بوبر ماڊل وليج جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي وز??راعظم کي نئين تعمير ٿيل گهرن ۾ فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن ۽ معيار بابت بريفنگ ڏني وئي. اهو ماڊل وليج 110 ڪينال زمين تي تعمير ڪيو ويو آهي ??نهن ۾ 62 گهر آهن. وز??راعظم کي ٻڌايو ويو ته 216 ڪلوميٽر گلگت شندور رستو پڻ تعمير ڪيو پيو وڃي. وز??راعظم ان منصوبي تي ڪم جي رفتا?? تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان کان اڳ گلگت بلتستان جي وڏي وز??ر حاجي گلبر خان مشڪل ۽ آزمائش جي گهڙيءَ ۾ گلگت بلتستان جي عوام جي مدد ڪرڻ تي وز??راعظم محمد شهباز شريف ۽ وفاقي حڪومت جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي وفاقي وز??ر ۽ اسيمبلي ميمبر پڻ موجود هئا.