سرگوڌا – 07 – نومبر (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ۽ سرگوڌا يونيورسٽي ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ٿيون آهن جن??ن تحت سرگوڌا يونيورسٽي جي شاگردن کي اي پي پي ۾ انٽرن شپ ڏني ويندي جڏ??ن ته ٻئي ادارا گڏجي مختلف ٽريننگ ورڪشاپس منعقد ڪندا. سرگوڌا يونيورسٽي ۾ منعقد ٿيل صحيحن واري تقريب ۾ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم ??چي ۽ سرگوڌا يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر قيصر عباس مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون.
جڏ??ن ته ان موقعي تي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر يونيورسٽي ۾ صحافتي قدرن جي حوالي سان هڪ سيمينار کي خطاب پڻ ڪيو جيڪو سرگوڌا يونيورسٽي جي ڪميونيڪشن اينڊ ميڊيا اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ پاران منعقد ڪيو ويو هو.
ان موقعي تي اي پي پي ايمپلائيز يونين جو صدر خضر ملڪ، اي پي پي سرگوڌا اسٽيشن جو انچارج مخدوم شاهه لطيف، ملڪ سليم اختر، راجا نديم اقبال ۽ ٻيا موجود هئا.