اسلام آباد- 20 نومبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته ج?? ايس پي پلس پاڪستاني روانگي واپار جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ملڪ جي معيشت کي متنوع بڻائڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي، ان جي فائدن کي مستقل بڻائڻ ل??ءِ معيار ۽ پاليسين کي بهتر ڪيو وڃي ته جيئن عالمي مارڪيٽ ۾ چٽاڀيٽي برقرار رهي. اهڙو اظهار هن فريڊرڪ نعمان فائونڊيشن تحت واپار ذريعي بهتر گورننس کي هٿي ڏيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ج?? ايس پي پلس پروگرام پاڪستان جي روانگي واپار ۾ اضافو ڪيو آهي، ٽيڪسٽائل، چمڙي جي سامان ۽ زرعي مصنوعات جي شعبي کي فائدو پهتو آهي، ٽيڪسٽائل يورپي ي??نين جي پاڪستاني روانگي واپار جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، ج?? ايس پي پلس تحت وڌندڙ روانگي واپار جا موقعا پيدا ڪيا ۽ غربت ۾ گهٽتائي آندي. احسن اقبال چيو ته يورپي ي??نين ۽ پاڪستان جون ڳالهيون ماحولياتي معيارن ۽ گورننس سڌارن تي ٻڌل آهن، پاڪستان کي ٽيڪنالاجي ۽ هنر جي ترقي لاءِ يورپي ي??نين کي واپاري پاليسي مان فائدو کڻڻ گهرجي، يورپي ي??نين سان واپاري حصيداري پاڪستان لاءِ اهم آهي، احسن اقبال چيو ته ج?? ايس پي پلس پروگرام اقتصادي ترقي، گورننس ۽ واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، واپار، سول سوسائٽي ۽ عالمي برادري وچ ۾ تعاون ضروري آهي ته جيئن ان پروگرام جي مڪمل صلاحيت کي ي??يني بڻائي سگهجي. حڪومت جي پائيدار ترقيات?? ايجنڊا ۾ واپار ۽ روانگي واپار کي اولين ترجيح ڏني و ئي آهي، پائيدار معاشي استحڪام لاءِ موثر قدم کنيا پيا وڃن. احسن اقبال چيو ته معاشي استحڪام لاءِ پبلڪ پرائيويٽ حصيداري اهم ثابت ٿيندي، 5 ايز فريم ورڪ ۾ ايڪسپورٽ، انرجي، ايڪويٽي، اي پاڪستان ۽ انوائرمينٽ شامل آهن. ملڪي معيشت مثبت رخ تي گامزن آهي. ج?? ايس پي پلس سان يورپي منڊين لاءِ پاڪستان جي روانگي واپار ۾ نمايان اضافو ٿيو، موسمياتي تبديلي جي اثرن سان پاڪستان جي معيشت کي نقصان پهتو. هن چيو ته مستقبل ۾ 2022ع جهڙي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ ل??ءِ منصوبابندي ڪرڻي پوندي. پاڪستان جي روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ وسي?? موقعا موجود آهن، ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ نجي شعبي جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي. احسن اقبال چيو ته ملڪ ۾ تجديد جوڳي توانائي کي هٿي ڏيڻ ل??ءِ قدم کنيا پيا وڃن، ج?? ايس پي پلس تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ ل??ءِ جلد ٽاسڪ فورس قائم ڪئي ويندي. روانگي واپار تي ٻڌل معيشت سان ئي پائيدار ترقياتي هدفن جي حاصلات ممڪن آهي.