لاهور – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته هڪ پارٽي ملڪ ۾ ان??شار ڦهلائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي، تحريڪ ان??اف ملڪ کي سياسي، سماجي ۽ سفارتي محاذ ۾ ناقابل تلافي نقصان پهچايو، حڪومتي ڪوششن سان مهانگائي ۾ رڪارڊ گهٽتائي ٿي آهي، پي آءِ اي جو يورپي روٽ اوپن ٿيڻ سان مُلڪ کي فائدو ٿيندو. اطلاعات واري وفاقي ??زير عطاءُ الله تارڙ صوفي بزرگ حضرت ميان مير رحمت الله عليه جي درٻار تي فاتحه خواني ڪئي ۽ مزار تي چادر چاڙهي. ان موقعي تي صحافين سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير عطاءُ الله تارڙ چيو ته وز??راعظم محمد شهباز شريف جي حڪومت ڏينهن رات عوام کي ??يل??ف ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، هڪ پارٽي ملڪ ۾ ان??شار ڦهلائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته حڪومتي ڪوششن سان مهانگائي ۾ رڪارڊ گهٽتائي ٿي آهي، پي آءِ اي جو يورپي روٽ اوپن ٿيڻ سان نه رڳو عوام کي ??يل??ف ملندو پر ملڪي خزاني کي پڻ فائدو ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته تحريڪ ان??اف پاران ملڪ کي سياسي، سماجي ۽ سفارتي محاذ ۾ ناقابل تلافي نقصان پهچايو ويو جڏهن ته وز??راعظم محمد شهباز شريف ۽ سندس ٽيم ملڪ کي ترقي طرف گامزن ڪرڻ جي لاءِ وڏي محنت سان ڪم ڪري رهي آهي ۽ انهن ڪوششن سان پاڪستان جلد ئي هر ميدان ۾ پنهنجو وڃايل مقام ٻيهر حاصل ڪري وٺندو.