لاهور – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪ??ر محمد ع??صم کچي چيو آهي ته ملازمن جي ڀلائي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. اي پي پي لاهور بيورو ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي هن چ??و ته ملازمن جي ڀلائي سندس اولين ترجيح آهي ۽ هو ملازمن سان لاڳاپيل معاملن جي لاءِ اوپن ڊور پاليسي تي يقين رکي ٿو. هن چ??و ته اي پي پي جا ملازم اداري جو اثاثو آهن، هن ملازمن تي زو?? ڀريو ته اهي اداري جي ترقي لاءِ محنت ڪن.
ايم ڊي محمد ع??صم کچي وڌيڪ چيو ته اي پي پي ۾ ڪرپشن جي خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي. ڪرپٽ عنصرن جو خاتمو ضروري آهي. ملازمن جي سوالن جي جواب ۾ هن چ??و ته ملازمن جي ميڊيڪل بلز کي ترجيحي بنيادن تي ڪليئر ڪيو پيو وڃي. هن چ??و ته سمورين اي پي پي اسٽيشنز تي ضروري سامان ۽ شيون فوري ۽ ترجيحي بنيادن تي فراهم ڪيون پيون وڃن. اي پي پي ايمپلائيز يونين پنجاب جي چيئرمين ۽ اردو نيوز سروس جي انچارج ۽ چيف رپور??ر محمد ع??دالله مئنيجنگ ڊائريڪ??ر محمد ع??صم کچي جي قيادت تي پختي اعتماد جو اظهار ڪيو. هن اداري جي سربراهه جي طور تي ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ تي ايم ڊي محمد ع??صم کچي جا ٿورا مڃيا ۽ اردو نيوز سروس لاهور بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ايم ڊي اي پي پي نيوز روم، وڊيو نيوز سروس ۽ رپورٽنگ روم جو پڻ دورو ڪيو ۽ اي پي پي جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان کان اڳ اي پي پي ايمپلائيز يونين پنجاب جي صدر راڻا عبدالرحمان قومي خابرو ايجنسي جي ملازمن پاران ايم ڊي محمد ع??صم کچي جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو ۽ کيس يقين ڏياريو ته ملازم سندس اميدن تي پورو لهندا. هن ملازمن جا مسئ??ا تيزي سان حل ڪرڻ تي ايم ڊي محمد ع??صم کچي جا ٿورا پڻ ادا ڪيا.