 
          اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت هر سطح تي بدعنواني کي پاڙ کان پٽي اڇلڻ لاءِ پرعزم آهي، اسان پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ شفاف، مضبوط ۽ جوابدار معاشري جي قيام لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين. وزي??اع??م آفيس جي پريس ونگ موجب اهڙو اظهار وزي??اع??م محمد شهباز شريف ڪر??شن جي خاتمي واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته 9 ڊسمبر تي ڪر??شن جي خاتمي جو عالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو جيڪو اسان سڀني کي پنهنجي معاشرن کي درپيش بدعنواني جو مقابلو ڪرڻ جي عالمي ڪوششن جي ياد ڏياري ٿو. هن سال جي عالمي ڏينهن جو موضوع ”بدعنواني خلاف نوجوانن سان متحد ٿيڻ ۽ سڀاڻ جي سالميت جي جوڙجڪ“ بجا طور تي ان اهم ڪردار کي اجاگر ڪ??ي ٿو جيڪو اسان جا نوجوان بدعنواني خلاف جنگ ۾ ادا ڪر?? سگهن ٿا. اسان جي نوجوان نسل هڪ اهڙي مستقبل جو حقدار آهي جيڪو ڪر??شن کان پاڪ هجي. پاڪستان اڄ عالمي برادري سان گڏجي ان وچن جي تجديد ڪر?? ٿو ته پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ شفاف، جامع ۽ جوابده معاشري جي جوڙجڪ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. هن چيو ته ڪر??شن ۽ بدعنواني هڪ اهڙو مڪروه عنصر آهي جيڪو ڪنهن به ملڪ جي معاشي ترقي کي نقصان پهچائي ٿو ۽ معاشري جي سماجي حيثيت کي تباهه ڪر?? ٿو، هي قومن کي انهن جي صلاحيتن کان محروم ڪر?? ٿو ۽ ماڻهن کي منصفاڻي حڪمراني ۽ برابري جي موقعن جي فائدن کان لطف اندوز ٿيڻ کان روڪي ٿو، هي عوامي خدمتن جي فراهمي کي به بري طرح متاثر ڪ??ي ٿو. ڇاڪاڻ ته ترقي جي لاءِ دسياب وسيلا صحيح طور تي استعمال نٿا ٿين ان ڪر?? معاشري ۾ اڻبرابري پيدا ٿئي جيڪا عام شهرين جي زندگين کي متاثر ڪ??ي ٿي، هي بدعنواني حڪومتن ۽ ان جي شهرين وچ ۾ عدم اعتماد جو هڪ وڏو سبب آهي. وزي??اع??م چيو ته اسان جي حڪومت هر سطح تي بدعنواني کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ لاءِ پرعزم آهي. قومي احتساب بيورو (نيب) ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙا دارا ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪر?? رهيا آهن ته جيڪي ماڻهو طاقت جو غلط استعمال ڪن ٿا ۽ عوام جي محنت ما?? ڪمايل آمدني کي لٽين ٿا انهن کي پنهنجي اعمالن جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. اسان پنهنجي ادارن جي محنت کي ساراهيون ۽ معاشري مان بدعنواني کي پاڙ کان پٽي اڇلڻ جي ان اهم ڪم ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهيون. وزي??اع??م چيو ته حڪومت اڪيلي سر ڪ??پشن خلاف جنگ کٽي نٿي سگهي، ان لاءِ هر شهري، هر اداري جي اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته بدعنواني کي بي نقاب ڪرڻ ۾ ميڊيا جو فعال ڪردار آهي، هي ڏينهن انصاف ۽ ديانت تي يقين رکندڙ سمورن ماڻهن کان فعال شرڪت جو مطالبو ڪر?? ٿو. شفاف ۽ جوابدار معاشري جي تعمير اسان مان هر فرد جي ذميواري آهي. وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو ته مان سمورن پاڪستانين کي اپيل ڪر??ان ٿو ته هو بدعنواني کان پاڪ مستقبل لاءِ اسان ج?? جدوجهد ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اچو ته اسان گڏجي بيهون، هڪ اهڙو پاڪستان بڻائڻ جي پنهنجي عزم ۾ متحد ٿي وڃون جتي عوامي وسيلن کي اسان جي ماڻهن کي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ موثر طريقي سان استعمال ڪر?? سگهجي. اچو هڪ اهڙي مستقبل لاءِ گڏجي ڪم ڪر??ون جتي قانون جي حڪمراني هجي ۽ جتي احتساب سڀني لاءِ بنياد آهي.