اسلام آباد – 24 ??سم??ر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صوبي بالڪيسر ۾ قيمتي جانيُون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته ترڪيه جي صوبي بالڪيسر ۾ بارودي ??واد ٺاهڻ واري فيڪٽري ۾ حادثي جي خبر تي کيس تمام گهڻو ڏک ٿيو، جنهن ۾ 12 قيمتي جانيون ضايع ٿيون. هن چيو ته مان ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان ۽ پنهنجي ترڪ ڀائرن سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪريان ??و، اسان سوڳوار خاندانن ?? زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون.