اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿو، حڪومت طرفان ميڊيا تي ڪنهن به قسم جو دٻاءُ يا مداخلت هرگز نه آهي، آزادي صحافت ۽ جمه??ري?? کي هڪٻئي جي لاءِ لازم ۽ ملزوم تصور ڪريون ٿا، ميڊيا بابت م??ئلن جي حل ۾ شفافيت ۽ ميرٽ يقيني بڻائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي پي اين اي جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وفاقي وزير س??ن ملاقات ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري اڪبر حسين دراني ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر (پ?? آءِ او) شاهيره شاهد به ملاقات ۾ موجود هيون، وفد اطلاعات واري وزير کي ميڊيا جي صنعت کي درپيش مسئلن کان تفصيلي آگاهه ڪيو.