بيروت-12 جون(اي پي پي)لبنان جي ڏکڻ شهر طائر جي جوئيه واري علائقي تي اسرائيل جي هوائي حملي ۾ 4 ماڻهو فوت ۽ 10 زخمي ٿي پيا،ميڊيا رپورٽن موجب رات جو دير سان ??يل هوائي حملي ۾ جوئيه ۾ ٽن ميزائلن ذريعي هڪ گهر کي نشانو بڻايو ويو جنهن ۾ لبناني گروپ حزب الله جو هڪ سينيئر فوجي اڳواڻ اب??طا??ب ۽ سندسن ٽي ساٿي مارجي ويا،حزب الله هن وقت تائين ان واقعي تي ڪو به تبصرو نه ڪيو آه??.مقامي طبي ذريعن موجب سول ڊيفنس ۽ اسلامڪ هيلٿ اٿارٽي جي ٽيمن گهر جو ڀنجو هٽايو ۽ لبناني ريڊ ڪراس زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو جڏهن ته گم ٿي ويل ماڻهن جي ڳولا جاري آه??،هوائي حملي جي جواب ۾ حزب الله اعلان ??يو ته ڊرون ۽ ميزائلن جو استعمال ڪندي اسرائيلي فوجي ٺڪاڻن تي حملا شروع ڪيا ويا آه??.