اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ٻوڏ سبب سنڌ ۽ بلوچستان جا صوبا سڀني کان ??ڌيڪ متاثر ٿيا آهن، غير معمولي برساتون جاني ۽ مالي نقصانن جو سبب بڻيون، حڪومتي وقت سر قدمن سان جاني نقصانن جي شدت تي ضابطو آندو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فلڊ رليف س??نٽ?? اين ڊي ايم اي ۾ ترڪيه جي گهرو وزير سليمان سوئيلو کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. ان ??وقعي ??ي منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير ۽ فيڊرل رليف ڪميٽي جي چيئرمين پروفيسر احسن اقبال تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان به موجود هئي. وفاقي وزير ترڪيه وفد کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان ۾ هلندڙ سال 500 سيڪڙو اضافي برساتون ٿيون، موسمياتي تبديلي جي اثرن جي ڪري گهٽ برساتن وارن علائقن ۾ وڌيڪ برساتون ٿيون ۽ ملڪ کي ٻوڏ واري صور??حا?? کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته پاڪستاني عوام ترڪيه جي عوام ۽ حڪومت جي ٿورائتي آهي ته هنن مشڪل جي هن گهڙي ۾ اسان جو ساٿ ڏنو. ٻوڏ واري صور??حا?? کان ترڪيه وفد کي آگاهه ڪندي احسن اقبال چيو ته هن وقت پاڪستان کي سڀ کان ??ڌيڪ ضرورت متاثرن جي آبادڪاري ۽ ??نف??اسٽرڪچر جي بحالي آهي، ان ??وقعي ??ي ترڪي طرفان آبادڪاري ۽ غذائي جنسون فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي.