اسلام آباد – 16 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام بابت عوام کي موثر آگ??هي ڏني وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ مستحق ان پروگرام مان فائدو کڻي سگهن. اها هدايت هن سماجي تحفظ واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر س??ن ڳالهائيندي ڪئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پي ٽي آءِ جو اڳواڻ سينيٽر فيصل جاويد پڻ موجود هو. ملاقات ۾ ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جي اڳڀرائي کان آگ??هه ڪيو ۽ عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ احساس تحت ٻين پروگرامن جي اڳڀرائي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي.